اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇ??يا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 908 مر??ضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مر??ض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.