اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آ??ي، پاڪستا?? عالمي بئنڪ سان حصيداري کي گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ توانائي بابت هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر جي ٻن معاهد?? تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي چئي. اهي ٻئي معاهدا خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي منصوبن بابت آهن، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي منصوب?? تي 45 ڪروڙ ڊالر ل??ڳت ايندي، داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي پهرين فيز تي لاڳت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊالر آهي، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جو منصوبو هڪ ترقياتي پروگرام آ??ي جنهن سان صوبي ۾ متبادل توانائي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي.