اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري ??کنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ??مز??ري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳا??ها??يندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو م??ها??ن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ڪشمير تڪرار تي اسان سڀ متحد آ??يو??. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي و??و. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ??ريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي و??و آهي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي و??ا آهن.