اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڏو??انهن ع??ائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طو?? تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏو??انهن ع??ائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، ا??فا??ميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ تعليم واري وزي?? تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.