لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن ??ڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ و??تل آهن جن کي گڏجي پرامن ??ريقي سان حل ڪرڻو پوندو، پرامن ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ ا??ان جو پروگرام امن ??رف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪن مان آيل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن ??ريقي سان حل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.