اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ ??رو??رام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي ني??ال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان مقابلي لاءِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل ک??ڻ لاءِ تيار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ني??ال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ ??رو??رام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس ??رو??رام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.