اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مون ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان استعيفا طلب ناهي ڪئ??، اسحاق ڊار کي عدالت سزا ناهي ڏني، ڪيس هلندي عهدو نه رکڻ تي آئين ۾ ڪا به پابندي نه آه??، اسحاق ڊار کان وڌيڪ ڪو ٻيو بهتر ناڻي وارو وزير نٿو ٿي سگه??، ايل اي?? جي جي معاهدي جي هر طرح سان ذميداري منهنجي آه??، اسان معاهدي جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سيني?? ۾ ??فصيلي طور تي آگاهي ڏني آهي، مون تي الزام اهو هڻي جنهن جا هٿ صاف هجن، اقتدار جي منتقلي بهتر نموني ٿيڻ جم??وريت جي فتح آهي، ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي پر اهڙيون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومتن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو به فرق نه پوي، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو عوام قبول ناهي ڪيو ۽ اهو تاريخ تي ڇڏيو وڃي ته اهو فيصلو صحيح هو يا غلط، هن چيو ته اقتدار جي منتقلي بهتر انداز ۾ ٿيڻ سان جم??وريت جي فتح ٿي آهي، ڇو ته گهڻن جو خيال هو ته ڪيترائي اي?? اي?? ايز پارٽي ڇڏي ويندا ۽ ووٽ نه ڏيندا ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي پر انهن سڀني ڳالهين جي نفي ٿي ۽ اقتدار بهتر نموني سان منتقل ٿي ويو ۽ ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿي، هن چيو ته 28 جولاءِ جي فيصلي تي تاريخ پنهنجو ضرور فيصلو ٻڌائيندي