اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين جي صد?? شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعب?? جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙ?? جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صد?? شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صد?? ماحوليات جي عالمي ڏهاڙ?? جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.