مدينه منور?? – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري جي لاءِ مديني منوره پهچ?? ويو. مديني منوره پهچڻ ??ي وزيراعظم جو استقبال مديني منوره جي گورنر امير فيصل بن سلمان بن عبدالعزيز ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، سينيٽر فيصل جاويد خان ۽ صوبائي وزير عليم خان پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.