اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏينداسين، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌيان هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان مٿانه??ن نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ بر??بر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، اسان پنهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن ??يو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم ??و انتشار پي??ا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامه??ن نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ڇڏائي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ڏينداسين.