گلگت – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چئن ڏينهن جي دوري تي گلگت پهچي ويو، جتان هو نيشنل اسڪي چيمپيئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ گلگت جي سياحتي مقام نلتر هليو ويو. صد?? خصوصي اڏام ذريعي گلگت پهتو ته ايئرپورٽ تي گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون?? وڏي وزير خالد خورشيد خان، ڪمانڊر فورس ڪمانڊ اتريان علائقا ميج?? جنرل ??واد احمد قاضي، چيف سيڪريٽري خرم آغا، آءِ جي ڊاڪٽر مجيب الرحمان سميت ٻين اعليٰ عملدارن استقبال ڪيو.