اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نو??ز شريف ڪٿ?? ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نو??ز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نو??ز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چيو ته مريم نو??ز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نو??ز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.