اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي ل??ءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي ل??ءِ آساني هو??دي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هو??دو آهي. ميري ٽائيم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي جي ل??ءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي ل??ءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽائيم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي ل??ءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي جي ل??ءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.