اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته سرڪار?? ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪار?? ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي ف??از گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سا?? مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاق?? ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مه?? جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪار?? ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.