اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ??ري سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم تائين س??ورين ??زا??تن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ??ري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري ??زا??ت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آهي، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.