اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حضرت امام حسين رضه جي چاليهي جي موقعي تي صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميا کي فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي معاونت فراهم ڪرڻ، ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪابينا ??لي??ٽرانڪ سرٽيفڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جي مل??زمن جي پگهارن ۾ ترميم جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن جي منظوري جڏهن ته عالمي ٽيڪس ٽريٽي بابت قدمن جي حوالي سان مليٽي ليٽرل ڪنوينشن جي توثيق ڪئي، وفاقي ڪابينا روزاني جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اصافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.