??سل??م آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي ??لاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي ??لاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظ?? کي اسپيس، سائ??س ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين س??ن گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.