ڪراچي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسما??يل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ برساتن سبب صوبي جي مختلف ضلعن جي صورتحال، امدادي ڪمن جي ضرورت، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.