اسلام آباد – 26 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ملاقات ڪئي ۽ جيل?? ۾ ??يد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب ڊاڪٽر شيرين مزاري وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي جيل?? ۾ ??يد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل رپورٽ کيس پيش ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم مئي جي آخر ۾ جيل?? ۾ ??يد عورتن جي حالتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي هئي ۽ چار مهينن ۾ سفارشون ??يش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.