اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪو??ونا وائرس جي وبا جي ڪري پي آءِ اي جو هر مهيني خسارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽ?? ٽي ڀيرا وز??را??ظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪن??س ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪو??ونا وائرس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پ??ري دنيا ڪو??ونا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.