اسڪردو – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختصر دوري ??ي اسڪردو پهتو. اسڪردو ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي صدر چيو ته بلتستان ڊويزن ۾ ڪورونا سان ڪو شخص فوت ناهي ٿيو، 83 مان 78 جو صحتياب ٿيڻ مختلف ادارن جي وچ ۾ تعاون جو عڪاس آهي. هن چيو ته هو ٽيسٽنگ ڪٽس سميت اهم سامان کڻي آيو آهي جنهن سان هتي ڪورونا جي خلاف ڪم جي رفتار اڃا وڌندي. صدر زور ڏنو ته عالم سڳورن سان گڏجي رمضان المبارڪ ۾ به اجتماعن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت ع??لي جوڙينداسين. صحت واري ??اص معاون ڊاڪٽ?? ظفر م??زا چيو ته ڪورونا ٽيسٽ جي سهولت کي 5 هزار مان وڌائي 25 هزا?? ڪنداسين.