اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فو??ي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معا??لن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.