لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت قائداعظم محمد علي ??ناح ٻه قومي نظريو پيش ??يو جيڪو حق ۽ سچ تي ٻڌل هو جڏهن ته گانڌي اکنڊ ڀارت جو نظريو پيش ??يو، اڄ هندستان تڪراري شهريت بل جي ذريعي اقليتن کي انهن جي برابري جي حق کان محروم ڪري پنهنجي ئي قائد گانڌي جي نظريي جي نفي ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابري جا حق ڏئي قائداعظم محمد علي ??ناح جي نظريي کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو، هو پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽر پنجاب ريجن ۾ نئين چونڊيل ضلعي، تعلقي تنظيمن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.