اسلام آباد – 08 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان مريءَ ۾ رستن تي سياحن جي افسوسناڪ فوتگين تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران ??ان چيو ته کيس مريءَ ۾ سياحن جي فوتگين سبب سخت صدمو پهتو آهي، غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي صورتحال ڄاڻڻ کانسواءِ عوام پاران مريءَ ڏانهن وڃڻ سان اها صورتحا?? پيدا ٿي، غيرمعمولي صورتحال ضلعي انتظاميا کي به تياري جو موقعو نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قاعدا ٺاهيا ويندا.