اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لا??ِ لا??يسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ ورچوئل پائيپ لا??ين منصوبن ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لا??ين منصوبو وڌيڪ دير کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت پاڪستان ۾ گئس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لا??ِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وير شوڪت فياض ترين، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي خاص معاون محمود مولوي ۽ لاڳاپيل آفيسن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب، ملڪي ذخيرن مان فراهمي ۽ ايل اين جي جي کوٽ ۽ درآمد بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا سرديءَ جي موسم ۾ وڌي 6000 کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي موجوده سپلائي 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهٽ ٿي رهي آهي، ان جي ڪري گئس جي کوٽ پوري ڪررڻ جي لا??ِ ايل اين جي درآمد ڪرڻي پوي ٿي. موجوده انفراسٽرڪچر سان سردين ۾ اٽڪل 1000 ايم ايم سي ايف ڊي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ مختلف آپشنز اختيار ڪيا پيا وڃن، مختصر مدي جي لا??ِ گهريلو ٽرمينلز جي موجوده صلاحيت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ورچوئل پائيپ لا??ين لا??يسنس جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ جو ڪم جاري آهي ۽ سمورين رڪاوٽن کي ترجيحي ??ني??دن تي ختم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لا??ِ لا??يسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ڇو ??ه اهو قدرتي گئس جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ سيڙپڪارن پاران ورچوئل پائيپ لا??ين منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت، پيٽروليم وزارت ۽ اوگرا کي هدايت ڪئي وئي آهي ??ه اهي هڪ ٻئي سان رابطو رکن ۽ سيڙپڪارن سميت ٻين سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. وزيراعظم نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لا??ين جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل مقرر مدي ۾ وڌيڪ دير کانسواءِ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.