اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسيحي ب??ادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشت?? جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي ب??ادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن حضرت عيسي?? عليه السلام جي تعليم تي عمل ??رڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن جي ??اء?? ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگ?? جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي ب??بت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ امن جي ??اء?? ان تعليم تي عمل ??رڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي ب??ادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پيغام آهي ته پاڪستان سڀن?? جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀن?? جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي ب??وجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چيو ته ڪرسمس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامت?? جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪومت ڪرتارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀلائي ??اء?? قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.