اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمو?? قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي پاڪس??ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آمريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪس??ان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانس??ان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان پاران فراهم ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪس??ان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪس??ان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪس??ان پاران فراهم ڪيل ڀرپور معاونت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پاڪس??ان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.