اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ ??يدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چي?? ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چي?? جي طرف وڃي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چي?? ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چي?? ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سان شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چي?? ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوب?? ۽ ??لائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ ??يدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چي?? ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، ??سان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.