اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانس??ان معاشي ??باهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبا?? رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪس??ان ۽ افغانس??ان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪس??ان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانس??ان سا?? رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي ??باهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغانس??ان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچيو وڃي. افغانس??ان بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ??رقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانس??ان جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانس??ان هن وقت معاشي ??باهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.