اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزي خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول شندور روڊ، 20 ميگاواٽ هنزل پن بجلي منصوبي، تته پاني ۽ اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.