اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئ??ن جا محافظ آهن، ق??نو?? جي حڪمراني ۽ آئ??ن جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، بار ايسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت ۽ سياسي پارٽ??ن جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ايندڙ دور ڊيجيٽل آهي، ليگل سسٽم جي مضبوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ملڪي مفاد بار ايسوسيئيشنز سميت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آهيون، آئين ۽ ق??نو?? جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن بار ايسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپري?? ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، وڪيلن جي مسئلن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر چوڌري محمد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀٽي، سيڪريٽ??ي وسيم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صف??ر ??سين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عزيز احمد خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار حي??ر ??اهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.