رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي ا??م آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي ??ان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دو??ت مل??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دو??تاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دو??ي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي ا??ميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي ??ان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وزيراعظم افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي ا??ميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي ا??تهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دو??ي جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دو??ي جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23