اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??سول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت اللعالمين جي تقريبن جي موقعي تي ”پيغام پاڪست??ن“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي رهيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن واري وفاقي و??ير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات واري و??ير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تعليم پوري معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي و??ير پير نور الحق قادري چيو ته ??سان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌ??يو ته ??شره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوعن جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضوعن کي نظر ۾ رکندي سيرت ڪانفرنسن جي انعقاد تي زور ڏنو. وفاقي و??ير وزيراعظم جي هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ??حمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪر??يو ويندو.