اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنج?? بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا ??ئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پنهنج?? بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽ??ان??فر ڪرڻ ت?? بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪن جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائيويٽ بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽ??ان??فر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستا??يز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علو?? بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.