اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين ??قرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف منصوبن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ ??ان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن ??ان سستي پن بجلي جي پيدا??ار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ ??ان ذخيرو ٿي سگهندو.