اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حال??ون آهن جو ما??هو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم عمران خان اش??ف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اش??ف غني وزيراعظم جي تجويز نه مڃي ۽ حال??ون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ما??هو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حال??ون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ ج??د کان ج??د کلي وڃي.