اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر ??عبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀ??ي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثي?? رکي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر ??رح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئ??ن ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.