اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي ??ان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ ??ذم?? ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فلسطينن جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت ??ذم?? ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لا??ِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تس??يم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.