اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ?? فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 151 فوتگيون ٿيون جنهن مان 60 فوتگيون وينٽيليٽرز تي م??جود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ 5 هزار 480 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 73 سيڪڙو، لاهور ۾ 73 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 62 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 73 سيڪڙو ??ريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، صوابي ۾ 67 سيڪڙو، مردان ۾ 65 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو ??ريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 13 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 716، پنجاب ۾ 26 هزار 338، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 261، اسلام آباد ۾ 5 هزار 651، بلوچستان ۾ 929 گلگت بلتستان ۾ 241، آزاد ڪشمير ۾ 877 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 8 هزار 193 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصو?? ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 689 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 838 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 15 هزار 711 آهي.