اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لا??ِ 6 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لا??ِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي، اسان کي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ، اقتصادي اثاثن ۽ ??يا??ي رابطن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪورونا جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لا??ِ صحت واري شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻي پوندي، سي پيڪ ذريعي افغانستان سميت وچ اوڀر تائين پهچ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي رابطن سان واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا کا?? بچاءُ لا??ِ عالمي سطح تي ويڪسين جي هڪجهڙي فراهمي ضروري آهي، افغان امن عمل خطي جي پائيدار ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او جي 14 هين سربراهه اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي 14 هين سربراهه اجلاس جي لا??ِ صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اي سي او جو ايندڙ اجلاس ترڪمانستان ۾ ٿيندو. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي به آذربائيجان جي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اي سي او جا ميمبر ??لڪ صحت ۽ معيشت جي شعبي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر شديد متاثر ٿيا آهن. مجموعي طور تي 15 ڪروڙ ماڻهن کي ان وبا پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو ۽ 25 لک کا?? وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، دنيا کي ڪورونا جي ڪري مختلف قسمن جا چئلينج درپيش آهن، اسرندڙ ??لڪ ان وبا جي ڪري شديد متاثر ٿيا آهن ۽ اسان جي معيشت کي نقصان پهتو آهي، واپ??ر ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ غربت وڌي آهي، هن چيو ته اي سي او سربراهه اجلاس جو مقصد علائقائي اقتصادي ترقي جي حوالي سان لا??حه عمل تي غور ڪرڻ آهي، ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان اهو سمجهندو آهي ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا جو نشانو بڻجڻ ۽ بک کا?? بچائڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي هڪ طرف بک ۽ ٻي طرف موت کا?? بچائڻ لا??ِ قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان جي حڪومت غير معمولي قدم کنيا، ان کا??سواءِ معيشت جي استحڪام، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ روزگار کي برقرار رکڻ لا??ِ معاشري جي غريب ماڻهن ۽ ننڍي ڪاروبار لا??ِ احساس پروگرام تحت 8 ارب ڊالرن جي روڪ مالي مدد ۽ سبسڊيز فراهم ڪئي آهي.