لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ ??ي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوام ??ي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام ??ني وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام ??ي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيل?? ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام ??ي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ۾ پوليس ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جو نقصان ماڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ ??ي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان مان تڏهن مطئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.