اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??اناما پيپرز ۽ براڊشيٽ ڪرپٽ مافيا جي ڪاري ڌن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هي اسان جي دريافت ناهي پر عالمي انڪشاف آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊشيٽ جا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته ??اضي ۾ اين آر او جي ڪري مل?? کي ڪيئن ناقابل تلافي نقصان پهتو، هن چيو ته ??اضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجا گهر ڀريا ?? پاڪستان جي عوام کي لُٽيو.