اسلام آ??اد – 12 مئي (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قر??شي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي ج??گ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحرا?? سڀ کان وڏو آهي.