اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ??وس??ياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ??وس??ياتي تبديلي ک?? منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار زرعي طريقن جي ضرورت آهي، جيڪي عالمي غذائي تحفظ ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهن. خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ??وس??ياتي تبديلي هڪٻئي سان جڙيل مڪينزم ذريعي غذائي تحفظ ۽ پائيدار زراعت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، هن چيو ته وڌندڙ گرمي پد، برساتن جي تبديل ٿيندڙ طريقن ۽ انتهائي ??وس??ي حالتون زرعي پيداواري صلاحيت کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ خوراڪ جون قيمتون ۽ گهٽ آمدني وارن گروهن ۾ غذائي ک??ٽ جي خطري ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن خبردار ڪيو ته ??وس??ياتي تبديلين جي نتيجي ۾ 2050ع تائين وڌيڪ لکين ماڻهن کي بک کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. رومينه خورشيد عالم ??وس??ياتي لچڪدار زراعت جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ??وس??ياتي خطرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ سخت گرمي جهڙي شديد ??وس??ي صورتحال درپيش آهي جيڪا زرعي پيداوا?? ۽ ??وراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي. هن چيو ته ??وس??ياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ دوران وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوکي جي طريقن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وس??ياتي تبديلي سان غربت ۽ غذائي کوٽ ?? اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته اها متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي معيا?? ۽ ??ستيابي ک?? متاثر ڪري ٿي. هن مناسب غذائيت کي يقيني بڻائيندي ??وس??ياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل پائيدار غذائي نظام قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن تي زور ڀريو.