اسلام ??با?? – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين سان سعودي هم منصب ترڪي الشبانه ملاقات ڪئي جنهن ۾ اطلاعات، ميڊيا، فلم، ڊرامي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل پروڊڪشنز ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي و??ير جي ويزن ۽ دلچسپي کي ساراهيو. سعودي اطلاعات واري و??ير ان موقعي تي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي تخليقي ذهنن کي گڏ ڪري اسلام جي حقيقي پيغام کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو ته فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن.