اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪا??ياب جوان پر??گر??م جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو عمل جاري آهي، قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن جي تعداد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بااختيار ۽ باعزت روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪا??ياب جوان پر??گر??م جي ذريعي قرض ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته نوجوانن ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي، نجي بئنڪن کي قرض جي ورهاست ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، حڪومتي سطح تي منصوبي جي شفافيت ۽ ميرٽ ج?? مڪمل نگراني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪا??ياب جوان پر??گر??م نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو سب کان وڏو حڪومتي منصوبو بڻجي چڪو آهي، پاڪستاني جاب مارڪيٽ ۾ ڪا??ياب نوجوان جو اضافو خوش آئنده آهي. نوجوانن کي وسيلن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل تائين نوجوانن جي حڪومتي مدد هر سطح تي جاري رکنداسين، هن چيو ته پر??گر??م ۾ غير جانبداري، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪا??ياب جوان پر??گر??م جو سربراهه عثمان ڊار مبارڪباد جو مستحق آهي.