ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويزن 2030ع موجب ??لڪ ۾ صحت جي سهولتن جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ نرسنگ جي شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ تعليم ۽ تربيت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نرسن جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. گورنر هائوس ?? ينگ نرسز ايسوسيئيشن (وائي اين اي) سنڌ جي وفد سان ملاقات ۾ صدر نرسنگ جي پيشي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۽ ويزن 2030ع جا هدف حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ هي شعبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (پي اين سي) تي زور ڏنو ته نرسن کي معياري تعليم ۽ نرسنگ جي بهترين اصولن تي عملدرآمد جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.