اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي ڪامرس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ايمازون سيلرز جي فهرست ۾ شموليت سان ملڪي برآمدات کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ نوجوان انٽر پرينيور لاءِ نوڪري?? جا موقعا پيدا ٿيندا، ان سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪا??وب??ري ادارن جي عالمي ??ارڪيٽ تائين پهچ ۾ اضافو ٿيندو، عالمي ??ارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انابلرز ثاقب اظهر پاڪستان جي ايمازون سيلرز فهرست ۾ شامل جي ڏس ۾ اڀرندڙ موقعن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انابلرز ثاقب اظهر، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسن، واپار واري وز??رت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عائشه حمير، مختلف اي ڪامرس ادارن جي سينئر ميمبرن، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انابلرز ثاقب اظهر ايمازون ۽ اي ڪامرس سيلرز کي درپيش مسئلن ۽ اي ڪامرس جي موقعن بابت بريفنگ ڏني. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انابلرز ثاقب اظهر ايمازون ۽ اي ڪامرس سيلرز کي درپيش مسئلن ۽ اي ڪامرس جي موقعن بابت بريفنگ ڏني، نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن ٻڌايو ته سندس ادارو نوجوان انٽرپرينيورز کي اي ڪامرس جي شعبي ۾ تربيت لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن هو اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.