اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نوان چونڊيل سينيٽر اڄ جمعي تي ڇهن سالن لاءِ سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندا، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پهريون ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي، سينيٽ جي نون ميمبرن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف الله سرور خا?? نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افنان الله خا??، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خا??، پي ٽي آءِ جو م??مد فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خا??ده اطيب، خيبرپختونخوا مان پي ٽي آءِ جو م??سن عزيز، شبلي فراز، لياقت خا?? ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خا??زاده، دوست محمد خا??، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوام?? نيشنل پارٽي جو هدايت الله خا?? ۽ جي يو آءِ ف جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمد زئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو م??مد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن. اهي ميمبر 6 سالن جي لاءِ سينيٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. سينيٽ جا 52 ميمبر خميس ڏينهن پنهنجو 6 سالا آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويا.