اسلام آباد – 27 نومبر (اي پ?? پي) پاڪستان ??حريڪ انصاف جي حڪومت ورثي ۾ مليل مشڪل اقتصادي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ زبون حال معيشيت جي بحالي جي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار بنيادن تي قدم کنيا آهن، جنهن جي ڪري قومي معيشيت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي وئي اهي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. جاري مالي سال جي دوران قومي معيشيت جي حوالي سان ??هڃان هاڪاري آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ??ماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو،، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9. 1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو آهي. سال 2018ع ۾ حڪومت کي مشڪل اقتصادي حالتون ۽ معيشيت ورثي ۾ ملي، معاشي ڏکيائين ۽ حد درجي تائين وڌيڪ حڪومتين خرچن تي ضابطي لاءِ حڪومت سخت مالياتي نظم ضبط لاڳو ڪيو، محصولن ۾ اضافو ڪيو ويو، مارڪيٽ جي لحاظ کان ??يڪسچينج ريٽ متعارف ڪرايو ويو?? ٽيڪسن ۾ وڏي ڇوٽ ۽ مڪمل ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويو، جڏهن ته آمدني واپار جي حوصله شڪني ڪئي وئي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان مالياتي ۽ جاري حسابن جي خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ ذڪر جوڳي بهتري ڏيکاري، پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس واڌو ۾ اچي ويو، جنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نه ٿو ملي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا کان پهرين سمورا معاشي اهڃاڻ نمايان ??هتري جي عڪاسي ڪري رهيا هئا، ڪووڊ- 19 جي عرصي ۾ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ گڏوگڏ معيشيت کي فعال ۽ متحرڪ رکڻ هو. سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي تحت ڪجهه ڪاروباري شعبا کوليا ويا، جڏهن ته ڪجهه کي محدود پيماني تي ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ڏکي وقت ۾ وبا جي ناڪاري اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. حڪومت معاشي بحالي واري عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ زراعت ۽ اڏاوتي شعبن کي سهولتون ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪيترائي اپاءَ ورتا. وزيراعظم عمران ??ان ??رعي شعبي جي لاءِ 24 ارب روپين جي پ??ڪيج جي منظوري ڏني آهي ته جيئن هارين کي گهٽ اگهه تي زرعي اسمن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) کي ڪيش جي مسئلي ۽ بيروزگاري کان ??چائڻ جي لاءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو. حڪومت ڏهاڙي تي پ??رهيو ڪندڙ هڪ ڪروڙ 50 لک ڪٽنبن کي 12 هزار روپيا في ڪٽنب روڪ امداد ڏيڻ جي لاءِ ”احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام“ شروع ڪيو، ان مقصد لاءِ 144 ارب روپيا رکيا ويا. مالي سال جي پ??رين ٽه ماهي ۾ قومي معيشيت جي حوالي سان ??هڃاڻ مثبت رهيا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ??ماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9.1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو. حڪومت جي بروقت ۽ دانشمنداڻين پاليسين جي ڪري وڏين صنعتن جي پ??داوار ”ايل ايس ايم“ ۾ 4.8 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي پ??داوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو. سيمينٽ جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت حاصل ڪئي وئي. اهڙي ريت جولاءِ کان ??ڪٽوبر 2020ع تائين جي مدي ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ ذڪر جوڳو اضافو ٿيو. ڪووڊ- 19 عالمي وبا جي باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. حڪومت نجي شعبي جي معاونت تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ان ??عبي کي معاشي شعبي جي ترقي جي انجڻ سمجهي ٿي، حڪومت جامع ۽ پائيدار اوسر جي لاءِ ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري تي يقين رکي ٿي. ڪريڊٽ ريٽنگ جي بين الاقوامي اداري ”موڊيز“ آگسٽ 2020ع ۾ پاڪستان ??ي معاشي درجه بندي کي ”مستحڪم“ قرار ڏنو هو. حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ آزاداڻي پاليسي متعارف ڪرائي، ڪاروبار ۾ آسانين لاءِ قدم کنيا ويا. ان ??والي سان ??المي انڊيڪس ”اي او بي ڊي“ ۾ 2018ع ۾ پاڪستان ??ي پ??زيشن 147، 2019ع ۾ 136 ۽ 2020ع ۾ 108 ??مبر تي اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهه مان ??يندڙ ناڻي ۽ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪا پاڪستان ??ي معيشيت تي اعتماد جي عڪاسي آهي.